پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صدارت هيٺ پارٽي جي منشور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو

Bilawal-Lahore-15317

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صدارت هيٺ پارٽي جي منشور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڳواڻ پارٽي منشور موجب عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏين.

اسلام آباد ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي جي منشور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ سيد نير حسين بخاري، سينيٽر فرحت الله بابر، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر شيري رحمان، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ڊڪاٽر نفيسه شاهه، سينيٽر صابر بلوچ، قادر شاهين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري اڳواڻن کي منشور ڪميٽي جي هدايت تي پنهنجيون تجويزون آگسٽ تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري ڪميٽي کي هدايت ڪندي چيو ته منشور ۾ عوام جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته قائد عوام شهيد غرب ماڻهن سان عشق ڪندو هو، کيس هر وقت غريب عوام جو ئي فڪر هوندو هو.

هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياست جو بنيادي مقصد غريب ماڻهن جي ٻارڙن کي بهتر مستقبل ڏيڻ هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*