جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو ۽ دوڙ ويجهو ڪئنال ۽ شاخن کي گهارا پوڻ جي نتيجي ۾ 7 ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا

dour

جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو ۽ دوڙ ويجهو ڪئنال ۽ شاخن کي گهارا پوڻ جي نتيجي ۾ 7  ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملدار ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد گهاري واري هنڌ پهتا.

شيرانپور ڀرسان بيگاري ڪئنال کي 150۽ 70 فوٽ جا 2 گهارا پوڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ اميرجان چانڊيو، هوران چانڊيو ۽ شيرانپور هاءِ اسڪول ۾ پاڻي داخل ٿيو.

چيف انجنيئر بيگاري ڪئنال فاروق چنڙ ۽ سپرنٽينڊنٽ انجنيئر اسحاق عباسي گهاري واري هنڌ پهتا، جنهن کان پوءِ ملازمن گهاري کي بند ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو.

ڳوٺاڻن موجب آبپاشي عملدارن کي بروقت اطلاع ڏنو ويو پر ڪو به ملازم وقت سر گهاري واري هنڌ ناهي پهتو، جنهن ڪري وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.

ڳڙهي خيرو ويجهو ڳوٺ ميهر موندراڻي وٽ ڪوٽڙي شاخ کي 30 فوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته آبپاشي ملازمن کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪو به عملدار گهاري واري هنڌ نه پهتو آهي.

دوڙ ويجهو ڳوٺ امداد ڪيريو وٽ جيمس شاخ کي 150 فوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ڳوٺ امداد ڪيريو، اسحاق ديناري، ارباب ماڇي ۽ ڳوٺ شاهنواز ڪيريو سميت سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.

ڳوٺاڻن موجب 10 ڪلاڪ گذرڻ باوجود آبپاشي ملازم گهاري واري هنڌ ناهن پهتا، جنهن ڪري وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آبپاشي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڪئنال ۽ شاخن کي لڳل گهارن سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*