ميرپوربٺوري ويجهو گھاڙي واھه ۾ وھنجندي 9 سالن جي نينگري ٻڏي فوت ٿي وئي

mirpur batoro

ميرپوربٺوري ويجهو گھاڙي واھه ۾ وھنجندي  9 سالن جي نينگري ٻڏي فوت ٿي وئي، تعلقي اسپتال مان ايمبولنس نه ملڻ تي نينگري جي وارثن انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو.

ڳوٺ احمد خان زئور ڀرسان گهاڙي واهه ۾ وهنجندي 9 سالن جي نينگري آزادي زنئور ٻُڏي فوت ٿي وئي.

ڳوٺاڻن اڌ ڪلاڪ جي ڳولا بعد نينگري آزادي جو لاش واهه مان ٻاھر ڪڍيو، نينگري جي وارثن لاش تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو آندو، جتي ڊاڪٽرن نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

تعلقي اسپتال مان ايمبولينس نه ملڻ تي نينگري جي وارثن اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*