پيپلزپارٽي جي اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته حڪمران مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن، نوازشريف ڪوڙا بيان ڏئي رهيو آهي

khi latif khosa

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته حڪمران مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن، نوازشريف ڪوڙا بيان ڏئي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته حڪمران مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن.

هن چيو ته حڪمران تاحيات نااهل ٿيڻ جي لائق آهن، ريفرينس جي شروعات پيپلزپارٽي ڪئي.

پيپلزپاٽي جي اڳواڻ چيو ته جي آءِ ٽي دٻاءُ ۾ اچڻ بدران عوام ۽ ملڪ جي خدمت ڪئي.

هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، سندس وڪيل وٽ ڪو به جواب نه آهي.

ليف کوسا چيو ته جي آءِ ٽي سخت محنت سان جي آءِ ٽي رپورٽ جوڙي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*