پاڪ ايران سرحدي ڪميشن جو پهريون اجلاس تهران ۾ ٿيو، جنهن ۾ بارڊر مينجمنٽ بابت خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي

Nafees zakriya

پاڪ ايران سرحدي ڪميشن جو پهريون اجلاس تهران ۾ ٿيو، جنهن ۾ بارڊر مينجمنٽ بابت خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته بنا جواز شهري آبادين تي حملو ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

پرڏيهي کاتي موجب، پاڪ ايران سرحدي ڪميشن جو پهريون اجلاس تهران ۾ ٿيو، پاڪ ايران بارڊر مينجمينٽ بابت ڳالهوين لاڀائيتون رهيون

پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ بارڊر مينجمنٽ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،

ترجمان جو چوڻ آهي ته  اجلاس ۾.  اجلاس معاهدي تحت سرحدي انتظامي طريقيڪار تي عملدرآمد تي به غور ڪيو ويو.

ترجمان موجب، اجلاس ۾ شرپسندن، اسمگلرز ۽ ڏوهارين کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻطرفي سهڪار تي به اتفاق ڪيو ويو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن طرفان سرحد تي 917 ڪلوميٽر تائين ڀڃڪڙي کان پاسو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*