وزيراعظم نوازشريف جي وڏي پٽ حسين نواز، حسن نواز ۽ مريم نواز ڪيلبري فونٽ بابت دستاويز ۽ 17 صفحن تي ٻڌل اعتراض سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن

Panama-leaks-1816

وزيراعظم نوازشريف جي وڏي پٽ حسين نواز، حسن نواز ۽ مريم نواز ڪيلبري فونٽ بابت دستاويز ۽ 17 صفحن تي ٻڌل اعتراض سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

وزيراعظم جي وڏي پٽ حسين نواز طرفان جمع ڪرايل دستاويز ۽ اعتراض 169 صفتحن تي ٻڌل آهن.

دستاويزن ۾ مشينري جي جده منتقلي بابت ڪسٽم ڪليئرنس، دستاويز، انوائيسز ۽ دبئي اسٽيل مل جي وڪرو جو معاهدو به شامل آهي.

دستاويزن ۾ منروا، جيپڪاڪي کان مدد حاصل ڪرڻ وارا خط به شامل آهن.

دستاويزن ۾ نيلسن ۽ نيسڪول جو بينيفيشل اونر حسين نواز کي ظاهر ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم جي وڏي پٽ حسين نواز پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي حاصل ڪيل دستاويز تصديق ٿيل نه آهن.

حسين نواز چيو آهي ته بينڪ اسٽيٽمنٽ ۽ چيڪ مان ثابت ٿئي ٿو ته عزيزيه اسٽيل مل 63 ملين ريال ۾ وڪرو ٿي.

جواب ۾ چيو ويو آهي ته مشينري جو رڪارڊ موجود آهي ۽ ريڪارڊ ڪسٽم ۽ لاڳاپيل ڪپني کان تصديق ٿيل آهن.

حسين نواز جمع ڪرايل دستاويزن ۾ چيو آهي ته 2006 ۾ ڪيلبري جي صارفين جي تعداد لکن ۾ هئي.

ڊويلپر فونٽ جو سروس ڪوڊ مائيڪرو سافٽ کي ڏنو، ان لاءِ 2006ع ۾ ڪيلبري لکائي جي استعمال خلاف نه آهي.

جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مائيڪرو سافٽ عملي ڪيلبري فونٽ جو استعمال 2003ع ۾ شروع ڪيو هو، جڏهن ته اهو ئي فونٽ ايم ايس آفيس ۾ اگسٽ 2004ع کان موجود هو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*