پنجاب جي علائقي ڊيرا غازي خان ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

dera ghazi khan

پنجاب جي علائقي ڊيرا غازي خان ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

رينجرز ڊيرا غازي خان جي بستي مرياني، ممداني ۽ بستي جمواني ۾ سرچ آپريشن ڪري گهر گهر جهڙتي ورتي.

سرچ آپريشن دوران 3 جوابدارن امام بخش، نذير احمد ۽ عبدالغفور ممداڻي کي حراست ۾ ورتو ويو.

رينجرز موجب، حراست ۾ ورتل جوابدارن جي گهرن مان 2 رائفلون، 3 ٻارنهن بور بندوقون، 121 پسٽل ۽ 310  گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*