شاهپور چاڪر ويجهو سَدا واهه کي پيل 40 فوٽ گهارو بند نه ڪرڻ سبب وڌي 60 فوٽ ٿي ويو

shahpur chakar gharo

شاهپور چاڪر ويجهو سَدا واهه کي پيل 40 فوٽ گهارو بند نه ڪرڻ سبب وڌي 60 فوٽ ٿي ويو ، فصل ۽ 10 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

سَدا واهه کي ڳوٺ بخشو ڏاهري وٽان  40 فوٽ گهارو پئجي ويو، ڳوٺاڻن آبپاشي عملي کي اطلاع ڏيڻ سان گڏ پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي،  پر مشنري نه هئڻ ڪري گهارو بند ٿيڻ بدراڻ وڌي 60 فوٽ ٿي ويو.

گهاري جو پاڻي وونڻن جي فصل کي ٻوڙيندو ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سان ڳوٺ بخشو ڏاهري، لال محمد ڪيريو، گل محمد مهر، گلڻ مهر، مراد انڙ، خان محمد بگٽي سميت 10ڳوٺ پاڻي ۾ اچي ويا.

متاثر ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن ٻڌايو ته گنجائش کان وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ سبب واهه کي گهارو پيوآهي.

هنن جو چوڻ هو ته گهاري بابت آبپاشي کاتي وارن کي اطلاع ڪيو ويو پر، مشنري نه پهچڻ جي ڪري گهارو وڌي 60 فوٽ ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*