بڊاڻي شهر ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي ٽن ڏينهن کان بند هئڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو

bakshapur map

بڊاڻي شهر ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي ٽن ڏينهن کان بند هئڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

رفيق احمد ڀٽو ۽ غوث بخش ڇڄڻ جي اڳواڻي ۾ شهرين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته بخشاپور گرڊ اسٽيشن کان بڊاڻي طرف ايندڙ بجلي لائين جا 3 پول برسات سبب ڪري پيا آهن، پر سيپڪو عملدار پول لڳائڻ لاءِ تيار ناهن.

هنن چيو ته سيپڪو وارن کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به عملدار ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بڊاڻي شهر طرف ايندڙ بجلي لائين ٺهرائي سيپڪو عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*