خانپور ۾ هڪ مهيني کان سڙيل ويل 3 ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو

khanpur-11616

خانپور ۾ هڪ مهيني کان  سڙيل ويل 3 ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مولانا عنايت الله بروهي ۽ عارف آرائين جي اڳواڻي ۾ شهرين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل هڪ مهيني درگاهه ارباب شاهه، سيٺار پاڙو ۽ وڏيري پاڙي جا ٽرانسفارم سڙي ويا آهن،  پرسيپڪو عملدار تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

هنن چيو ته سڙيل ويل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ سيپڪو عملدار رشوت طلب ڪري رهيا آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ سڙيل 3 ٽرانسفارمر تبديل ڪري سيپڪو عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*