اليڪشن ڪميشن پي ايس 114 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

Election-Karachi-28716

اليڪشن ڪميشن پي ايس 114 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، فاروق ستار چيو آهي ته کيس اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي سعيد غني چيو آهي ته لنڊن ۽ پاڪستان جي ايم ڪيو ايم ۾ ڪو به فرق نه آهي، ووٽن جي ڳڻت تائين ميڊيا ۽ رينجرز موجود هئي.

اليڪشن ڪميشن ۾ اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي صدارت هيٺ پي ايس 114 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۽ نادرا کان ووٽرن جي تصديق واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

اليڪشن ڪمشنر گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ايم ڪيو ايم جي پي ايس 114 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو.

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ سعيد غني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ وارو حڪم به ختم ٿي ويو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي کيس ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ انصاف جون گهرُجون پوريون ناهن ڪيون ويون.

 ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن چاهي ها ته صاف، شفاف ۽ منسفاڻي اليڪشن جي ذميواري پوري ڪري سگهي پئي.

فاروق ستار چيو ته هو اليڪشن ڪيمشن جي فيصلي تي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو حق رکن ٿا.

ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ چيو ته پي ايس 114  جي نتيجن تي اليڪشن ٽريبيونل سان رابطو ڪيو ويندو.

پيپلزپارتي جي اميدوار چيو ته جيڪي 5 پولنگ اسٽيشنن جو ذڪر ڪيو ويو، اتي ووٽنگ دوران ميڊيا ۽ رينجرز موجود هئي.

سعيد غني چيو ته پي ايس 114 تي ٿيل ننڍي چونڊ ڪراچي جي تاريخ ۾ شفاف اليڪشن هئي.

پيپلزپارتي اڳواڻ چيو ته لنڊن ۽ پاڪستان جي ايم ڪيو ايم ۾ ڪو به فرق نه آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*