شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن پاران ووٽ جي اهميت بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

shikarpur election

شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن پاران ووٽ جي اهميت بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر تنوير حيدر شاھ جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي ڌرين جي ڪارڪنن ۽ شھرين جھاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ت ووٽ جي وڏي اهميت آهي، تنهن ڪري ماڻهو ووٽ ذريعي صحيح نمائندا چونڊين، جيڪي سندن خدمت ڪن.

هنن چيو ته ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سول سوسائيٽي کي به ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ماڻهو وڌ کان وڌ پنھنجا ووٽ داخل ڪرائين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*