وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ يوسف رضا گيلاني جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظوري ڪري ورتي آهي

yousuf raza

وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ يوسف رضا گيلاني جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظوري ڪري ورتي آهي.

وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف ٽيڊاپ اسڪينڊل جي 26 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. يوسف رضا گيلاني  پيش نه ٿيو.

عدالت ڪيس ۾ نامزد  25 جوابدارن جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا، جڏهن ته يوسف رضا گيلاني جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به منظور ڪري ورتي.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 آگست تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.

واضح رهي ته جوابدارن تي فريٽ سبسڊي جي مد ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جو الزام آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*