ٺاروشاهه ۾ڪاليج سائيڊ ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهروڪيو

tharushah collage side

ٺاروشاهه ۾ڪاليج سائيڊ ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهروڪيو.

ڪاليج سائيڊ سکر ۽ نوابشاھ ريجن جي ملازمن بخشل راڄپر، ڪاشان خانزادي، غلام عمرسومري، راشد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڊگري ڪاليج کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته کين 65 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، جنهن سبب هو ۽ سندن خاندان فاقا ڪشيءَ تي مجبورآهن.

هنن جو چوڻ هو ته ٻه هفتا اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شڪايتن تي نوٽيس وٺندي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاھ کي مسئلو حل ڪرائڻ جي ذميواري ڏني هئي، پران جي باوجود اپوزيشن ليڊر معاملي کي سنجيدگيءَ سان نه وٺي رهيو آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته پگھارون جاري ڪري کين فاقا ڪشيءَ کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*