جوهي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف واهن جي ننڍن زميندارن، هارين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

johi

جوهي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف واهن جي ننڍن زميندارن، هارين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

آبادگارن، هارين ۽ سياسي سماجي ڌرين ميهر گاڏهي، شمن کوسو ،يونس سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج جاري رکندي مخدوم بلاول کان  احتجاجي احتجاجي ريلي ڪڍي  دادو – جوهي مين روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن الزام هنيو ته آبپاشي کاتي جي ڪامورن جوهي برانچ جو پاڻي منڍ جي بااثر زميندارن کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.

آبادگار اڳواڻن دانهيندي چيو ته ڪامورن جي ملي ڀڳت سان جوهي برانچ  جي  پاڻي تي ڌاڙو هنيوپيو وڃي.

 هنن چيو ته برانچ تي  لفٽ مشينون رکي پاڻي چورايو وڃي ٿو، پر آبپاشي کاتي وارا ڪارروائي ڪرڻ بدارن خاموش تماسائي بڻيل آهن، پاڻي نه هئڻ ڪري سندن  زمينون غير آباد پيون آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته جوهي برانچ تي رينجرس مقرر ڪري پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*