سکر ۽ آسپاس گذريل ڏينهن برسات سبب ٽرپ ٿيل 300 فيڊرن مان 130 فيڊر 15 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بحال ٿي نه سگهيا آهن

Sukkur-2-12

سکر  ۽ آسپاس گذريل ڏينهن برسات سبب ٽرپ ٿيل 300 فيڊرن مان 130 فيڊر 15 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بحال ٿي نه سگهيا آهن،سيپڪو ترجمان موجب ٻهراڙي وارن علائقن جي 130 فيڊرن جي بحالي وارو ڪم جاري آهي،جلد بحال ڪيا ويندا.

سيپڪو ترجمان چيو ته شهري علائقن جي ٽرپ ٿيل سڀني فيڊرن کي گذريل رات ئي بحال ڪيو ويو آهي.

گذريل ڏينهن برسات سبب بجلي جا پول ڪرڻ جي نتيجي ۾ سکر شهر ۽ آسپاس جا 300 فيڊر ٽرپ ٿي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*