وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته اسان جو احتساب نه پر استحصال ٿي رهيو آهي

pm

وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته اسان جو احتساب نه پر استحصال ٿي رهيو آهي، جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي آءِ کي ٻڌايان ٿو ته اهڙي احتساب کي ڪير نه مڃيندو.

دير ۾ لواري ٽنل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته مٿس ڪرپشن جو ڪو الزام ناهي،  استعفيٰ گهرندڙن کي شرم اچڻ گهرجي،

هن چيو ته مشرف دور ۾ به کيس هٿڪڙيون هنيون ويون پر ڪير جهڪائي نه سگهيو، سندس سهپ جو امتحان نه ورتو وڃي.

وزيراعظم دير بالا ۾ گيس فراهمي جو اعلان ڪندي چيو ته ملڪي ترقي جا دشمن سمورين چونڊن ۾ رد ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته کيس خبر نه آهي ته آخر ڪهڙي جو احتساب ٿي رهيو آهي، جي آءِ ٽي ميمبر فرشتن جيان صادق ۽ امين بڻيو ويٺا آهن، سڀ کان وڌيڪ پنهنجي عزت پياري اٿن.

ميان نوازشريف چيو ته هر صبح جو اٿي استعيفيٰ گهرندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، اهو به  ٻڌائين ته ڇا اوهان جي ووٽ ذريعي اقتدار ۾ آيا آهيون.

وزيراعظم چيو ته ڇا مون ٽمبر، وڻن ۽ سنگ مر مر جا ٺيڪا کنيا آهن، جو مون کان استعيفي جو مطالبو ڪري رهيا آهن، منهنجي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي.

هن چيو ته 2013ع ۽ 2017 جي پاڪستان ۾ تمام گهڻو فرق آهي، نئون پاڪستان جو نعرو هڻندڙن ڪجهه به نه ڪيو آهي.

وزيراعظم نوازشريف چيو ته 49 هزار پائونڊ وٺندڙن جو به سرعام احتساب ٿيڻ گهرجي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*