پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته

sarfaraz ahmed

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ سندس لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ هو ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ٽنهي فارميٽ جي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ هو پنج ميچز ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪندو ۽ سندس ڀرپور ڪوشش هوندي ته ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري.

هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڪرڪيٽر ۽ ڪپتان جي حيصيت سان هر روز ڪجهه نه ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو آهي.

سرفراز احمد چيو ته ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏي هر رانديگرن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي آهي.

سندس چوڻ ته يونس خان ۽ انضمام الحق ِيارڪشائر ڪائونٽي پاران کيڏندا رهيا آهن، ساڳئي ڪائونٽي پاران کيڏڻ سندس لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*