پاڪ فوج آپريشن خيبر فور تحت ڪامياب ڪارروايون ڪندي 13 دهشتگرد ماري ڇڏيو

ISPR-17217

پاڪ فوج آپريشن خيبر فور تحت ڪامياب ڪارروايون ڪندي 13 دهشتگرد ماري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار به شهيد ٿيو آهي

آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن خيبر 4 تحت پاڪ فوج جي دستن جي اڳڀرائي جاري آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج جي اسپيشل سروس گروپ ڪارروائي ڪندي 90 ڪلوميٽر علائقو دهشتگردن کان خالي ڪرائي ورتوآهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته خيبر آپريشن فور دوران 13 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.

آءِ  ايس پي آر موجب، آپريشن دوران دهشتگردن جي بارودي سرنگهون به ناڪاره بڻايون ويون آهن. جڏهن ته سندن ڳجها ٺڪاڻا به تباهه ڪيا ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان سپاهي عبدالجبار به شهيد ٿيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*