وزيراعظم نوازشريف ملڪ جي هر اداري کي تڪراري بڻائي رهيو آهي، کيس جلد کان جلد استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي،پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ شيري رحمان

Sherry-Rehman-21717

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف ملڪ جي هر اداري کي تڪراري بڻائي رهيو آهي، کيس جلد کان جلد استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ کي روڪڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته جيڪڏهن ڪوسازش ڪري رهيوآهي ته وزيراعظم نوازشريف ان کي وائکو ڪري.

هن چيو ته حڪمران احتساب کي نٿا مڃين، ان جو مطلب ته هو سپريم ڪورٽ کي نه مڃي رهيا آهن

شيري رحمان چيو ته اوهان پنهنجي ذات لاءِ ملڪ کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، احتساب کي استحصال چيو پيو وڃي.

هن چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي وزيراعظم اهڙو بيان ڏنو هجي ها ته مٿس توهين عدالت ٿي وڃي ها.

شيري رحمان چيو ته سڄو ملڪ انتطار ۾ آهي پاڪستان کي ان بحران مان ڪڍيو وڃي.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو ته وزيراعظم جي بيان ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي، جنهن سبب ملڪي ادارا مفلوج بڻجي ويا آهن.

شيري رحمان چيو ته نوازشريف کي جلد کان جلد استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*