عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم دنيا آڏو وائکو ٿي چڪو

shaikh rasheed

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم دنيا آڏو وائکو ٿي چڪو، ڪروڙين ماڻهون چاهين ٿا ته نوازشريف استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سراج الحق چيو آهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي سان پاڪستان جو مستقبل ڳنڍيل آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف دنيا آڏو وائکو ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته نوازشريف چاهي ٿو ته سڀ نااهل ٿي وڃن پر هو ۽ مريم نواز نااهل نه ٿين.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته اميد آهي ته پاناما ڪيس سومر تائين ختم ٿي ويندو.

هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف صادق ۽ امين ناهي رهيو

شيخ رشيد چيو ته لواري ٽنل ۾ نوازشريف جو خطاب سندس ذهني سوچ کي ظاهر ڪري ٿو.

هن چيو ته جي آءِ ٽي تي ڳالهائڻ دوران ججن کي نشانو بڻايو ويندو اهي،

شيخ رشيد چيو ته جي آءِ ٽي ختم ٿي چڪي پوءِ  به کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

ٻي طرف جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي سان پاڪستان جو مستقبل ڳنڍيل آهي.

هن چيو ته پاناما ڪيس جو فيصلو اهڙو هجي جنهن سان پاڪستان ڪرپشن کان پاڪ ٿي وڃي.

سراج الحق چيو ته پاڪستان ۾ حڪمران پاڻ کي احتساب کان مٿانهون سمجهن ٿا.

هن چيو ته ن ليگ سمجهي پئي جي آءِ ٽي سندس محل ۾ ڪيمپ لڳائيندي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته سپريم ڪورٽ جا جج فيصلي لاءِ دليلن جا منتظر نه آهن، سڀ کان وڏو امتحان سپريم ڪورٽ جو آهي.

هن چيو ته اڄ جو ڏينهن روشن ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ اهم ثابت ٿيندو.

سراج الحق چيو ته عدالت اسان کي انصاف ڏنو ته فيصلو روڊن رستن تي نه ٿيندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*