پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي روڪيندڙن جو عوام ايندڙ چونڊن ۾ محاسبو ڪندو

Shahbaz-Sharif-221016

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي روڪيندڙن جو عوام ايندڙ چونڊن ۾ محاسبو ڪندو، رنڊڪن باوجود پاڪستان توانائي بحران جي خاتمي ڏانهن وڌي رهيو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ملڪ جي ترقي روڪيندڙ سازشي عنصرن جو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ محاسبو ڪندو.

هن چيو ته عوام شڪست کاڌل عصنرن جي سياست کي به هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيندو.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته مخلص قيادت تي الزام لڳائيندڙ پاڪستان جا سڄڻ نه آهن.

هن چيو ته پاڪستان اونداهين مان نڪري روشنين جو سفر تيزي سان طئي ڪري رهيو آهي.

شهباز شريف چيو ته حڪومت جي بي مثال ترقياتي پروگرامن مخالفن جون ننڍون اڏائي ڇڏيون آهن.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته رنڊڪن باوجود توانائي بحران جو خاتمو آندو پيو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*