مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٽن ڏينهن واري چوٿين عالمي ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي

 مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٽن ڏينهن واري چوٿين عالمي ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ امريڪا، برطانيه سميت مختلف 20 ملڪن جا اسڪالرز ۽ سائنسدان ڄاڻ جي مٽا سٽا ڪري رهيا آهن.

هيڪ جي چيئرمين  ڊاڪٽر مختيار احمد مهراڻ يونيورسٽي ۾ منعقد چوٿين عالمي ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو.

عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ برطانيه، امريڪا، جرمني، آسٽريليا، سعودي عرب، سوئيڊن سميت مختلف  20 ملڪن جا اسڪالرز ۽ سائنسدان ڄاڻ جي مٽا سٽا ڪري رهيا آهن.

ان موقعي تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چائنسلر محمد اسلم عقيلي چيو ته  عالمي ڪانفرنس ڄاڻ جي مٽا سٽا ۾ مک ڪردار ادا ڪندي، ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جا ڪجهه سيشن شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ به هلايا ويندا جئين شاگرد توڙي استاد ڄاڻ جي مٽا سٽا حاصل ڪري سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*