ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪري اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٻن ڏوهارين سميت 23 مبينا جوابدارن کي گرفتار ڪري

Karachi-Police-Musa-Colony-13816

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪري اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٻن ڏوهارين سميت 23 مبينا جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

 ايئرپورٽ ويجهو پوليس ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار ۽ ڦر ڪيل گاڏي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.

 ايس ايس پي ملير رائو انوار موجب جوابدار سلمان ۽ عباس اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث آهن، جن جي قبضي مان 2 پسٽل، 4 موبائل فونز ۽ ڦرڪيل هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي.

سائيٽ ايريا ۾ ڏوهارين جي موجودگيءَ واري اطلاع تي پوليس سرچ آپريشن ڪري 10 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*