ٺٽي، فيض گنج ۽ بخشاپور ويجهو مختلف روڊ حادثن ۾ ڊرائيور فوت ٿي ويو، 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

Accident-Road-27217

ٺٽي، فيض گنج ۽ بخشاپور ويجهو مختلف روڊ حادثن ۾ ڊرائيور فوت ٿي ويو، 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

فيض گنج  ڀرسان مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي سبزي سان ڀريل مزدا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ جيڪب آباد واسي ڊرائيور محمد علي سرڪي فوت ٿي ويو سندس ساٿي آرشي سرڪي زخمي ٿي پيو، جنهن کي مقامي اسپتال نيو ويو.

پوليس موجب ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب مزدا ڪلٽي ٿي آهي، ڊرائيور محمد علي سرڪي جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

ٺَٽي ويجهو ڪوسٽر ۽ ٽرالر ۾ ٽَڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 20  مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال نيو ويو، جتان عورت سميت ٻن زخمين جي حالت  ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

ڪينجهر گهمڻ لاءِ ويندڙ ڪراچي واسين جي ڪوسٽر جو مڪلي جي شورا موري وٽ سامهون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ زين، اظهر، عزيفا، عائشه، منزلا، مهراب علي، شاهد، نظام الدين ۽ نعيم شامل آهن، جن مان عورت عائشه ۽ ڪوسٽر ڊرائيور شير رحمان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

بخشاپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪوچ جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ علي نواز ڊومڪي، وارث علي ڊومڪي ۽ احمد علي ڊومڪي زخمي کي ٿي پيا، جن کي رحيميار خان اسپتال نيو ويو.

واقعي کان پوءِ ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*