تحريڪ انصاف جي سربراهه شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي جنگ ڪنهن خاندان يا هڪ شخص خلاف ناهي

shah mehmod

تحريڪ انصاف جي سربراهه شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي جنگ ڪنهن خاندان يا هڪ شخص خلاف ناهي، پر هو هڪ نظام ۽ طبقي خلف وڙهي رهيا آهن .

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاناما ڪيس حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ جنگ وڙهي رهي آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته هتي ڪمزور لاءِ الڳ ۽ طاقت لاءِ الڳ قانون آهي، ان فرق کي ختم ڪرڻو پوندو.

شاهه محمود قريشي چيو ته سپريم ڪورٽ کي عوام کي پيغام ڏيڻو پوندو ۽عوام  ٻڌڻ چاهي ٿو ته قانون جي نظر سڀ برابر آهن.

هن چيو ته هو اهڙو قانون چاهين ٿا جنهن ۾ طاقتور ۽ عام شهري هڪ ڪٽهڙي ۾ هجي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جيڪو طبقو سمجهي ٿو ته طاقت جي زور تي هو قانون تي پنهنجو حڪم هلائي سگهي ٿو ان کي پيغام ڏيڻو پوندو ته قانون کان ڪوبه مٿانهون نه آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جي جنگ ڪنهن خاندان يا هڪ شخص خلاف ناهي، پر هو هڪ نظام ۽ طبقي خلف وڙهي رهيا آهن . .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*