سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز رياستي سلامتي ادرو قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

shah salman saudi
سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز رياستي سلامتي ادرو قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

عرب ميڊيا موجب، سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز سعودي عرب جي ڳجهي ايجنسين، اسپيشل سڪيورٽي ۽ ٻين ادارن کي ضم ڪري رياستي سلامتي جو ادارو قائم ڪيو آهي.

سلامتي ادارو وزيراعظم جي ماتحت هوندو، جنهن  ۾اسپيشل سڪيورٽي فورسز، ڳجها ادارا، گهرو وزارت ۽ ٻيا کاتا ضم ڪيا ويندا

پرڏيهي ميڊيا موجب، جنرل عبدالعزيز الهويرني رياستي سلامتي اداري جو سربراهه هوند، جڏهن ته گهرو وزير سياسي ۽ سلامتي معاملن جي ڪائونسل جو ميمبر هوندو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، عبدالله عبدالڪريم سلامتي اداري جي سربراهه جو صلاحڪار هوندو، جڏهن ته گهرو وزارت جي ماتحت ادارن، سڪيورٽي جي سمورن معاملن کي اعليٰ ادار ئي ڏسندا.

واضح رهي ته سعودي عرب پاران قطر تي دهشتگردن جي مدد ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن ۽ حوثي باغين جي حملن بعد سڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*