لعلورائنڪ ۽ وارهه ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بل موڪلڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

lalu rainak loadshedding ahtjaj

لعلورائنڪ ۽ وارهه ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بل موڪلڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

لالو رائنڪ ۾ عبدالحليم ڇٽو ۽ ارشد علي تنيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري لاڙڪاڻي روڊ تي ڌرڻو هنيو.

وارهه ۾ واپاري اتحاد جي سڏ تي سياسي سماجي ڌرين جي ڪارڪنن ۽ شهرين پنجين ڏينهن به نياز حيدري ۽ ذوالفقار چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شهيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته سيپڪو عملدار  16 کان 18 ڪلاڪ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،ڪاروبار به متاثر ٿي رهيو آهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري  شهرين ڏانهن واڌو بل موڪليندڙ سيپڪو عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*