ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته سري لنڪا خلاف رٿيل سيريز ٽيم ڪاميابي حاصل ڪندي

Virat-Kholi-27916

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته سري لنڪا خلاف رٿيل سيريز ٽيم ڪاميابي حاصل ڪندي،جڏهن ته ميزبان ٽيم جي ڪپتان اپل ٿرنگا پڻ فتح جي اميد ظاهر ڪئي آهي.

ڀارت ۽ سري لنڪا جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ، پنج ون ڊي ۽ هڪ ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي.

سيريز کان پهرين ٻئي ٽيمون ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

ٽريننگ سيشن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ويرات ڪوهلي چيو ته سري لنڪن ٽيم کي هو گرائونڊ ۽ هو ڪرائونڊ جو ايڊوانٽيج حاصل آهي، پر سندس ٽيم کين هوم گرائونڊ تي شڪست ڏيڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي.

ان موقعي تي سريلنڪن ٽيم جي ڪپتان اپل ٿرنگا چيو ته ٽيم جا سمورا رانديگرن ڀارت خلاف رٿيل سيريز ۾ فتح لاءِ پر اميد آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*