انگلينڊ ۾ جاري وومن ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٻي سيمي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد آسٽريلوي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي

women cricet india vs aus

انگلينڊ ۾ جاري وومن ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٻي سيمي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد آسٽريلوي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

انگلينڊ جي شهر ڊربي ۾ کيڏي ويل ٻي سيمي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 42 اوورس ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 281رنز اسڪور ڪيون.

برسات سبب ميچ کي 42 اوورس تائين محدود ڪيو ويو هو.

ڀارتي ٽيم پاران هرمنپريٽ ڪور شاندار بيٽنگ جومظاهرو ڪندي 171رنز جي اننگ کيڏي ٽآپ اسڪورر رهي.

سندس اها اننگ ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي جي سڀ کان وڏي انگ آهي،جڏهن ته ڪپتان مٿالي راج 36رنز جي اننگ کيڏي.

آسٽريليا جي ٽيم پاران ايسلي گارڊنر ، ميگن  شوٽ، ڪرسٽين بيمز ۽السي ويليني هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم صرف 245رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي وئي ۽ اهڙي طرح ڀارتي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

آسٽريليا جي ٽيم پاران ويلني 75۽بليڪ ويل 90رنز جي اننگ کيڏي ٽآپ اسڪورر رهي.

ڀارتي ٽِيم پاران دپتي شرما 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

آءِ سي سي وومن ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائنل ۾ ميزبان انگلينڊ ۽ ڀارتي ٽِيمون 23 جولاءِ تي لارڊز جي ميدان تي فائنل کيڏنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*