پاڪستان جي نيوزيلينڊ جي ٽِيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ۽ ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جو شيڊيول طئه ٿي ويو آهي

pak vs newzlnd

پاڪستان جي نيوزيلينڊ جي ٽِيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ۽ ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جو شيڊيول طئه ٿي ويو آهي.

ذريعن مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 26 ڊسمبر تي نيوزيلينڊ جي دوري تي رواني ٿيندي.

مختصر دوري کان پهرين قومي ٽيم سري لنڪا سان مڪمل سيريز کيڏندي، جنهن جون سموريون ميچز گڏيل عرب امارات ۾ کيڏيون وينديون.

آءِ سي سي فيوچر ٽور پروگرام تحت نومبر ڊسمبر ۾ پاڪستان ۽ ڀارتي ٽيمن وچ ۾ سيريز شيڊيول آهي، پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ رٿيل اها سيريز ٿيڻ جو ڪوبه امڪان نه آهي.

واضح رهي ته ڊسمبر مهيني ۾ مسلسل چوٿون ڀيرو نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن دوري جو شيڊيول طئه ڪري ڇڏيو آهي ۽ شيڊيول جو اعلان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جلد ڪندو.

پي سي بي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ٽيم ڪرسمس بعد 26 ڊسمبر تي نيوزيلينڊ پهچندي ۽ دوري 31 جنوري تي ختم ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*