پاڪستان هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته پاڪستان هـِن وقت جنگ جي حالت ۾ آهي، اهڙي صورتحال ۾ دهشتگردي جا ڪيس عام عدالتن ۾ نٿا هلائي سگهجن، گڏيل قومن پاڪستان جي ڏهن تنظيمن سميت 70 تنظيمن تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، ڀارت يا آمريڪا جي چوڻ تي ڪنهن تنظيم يا فرد تي پابندي نٿي مڙهي سگهجي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته  پاڪستان 13 سالن کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، فوجي آپريشن شروع ٿيڻ ۽ قومي ايڪشن پلان کان اڳ هر ڏهاڙي ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيندا هئا.

هن چيو ته ملڪ تاريخي ۾ پهريون ڀيرو سول حڪومت دهشتگرد گروپن سان سڌي ريت ڳالهيون ڪيون پر حڪومت جي نيڪ نيتي کي ڪمزوري سمجهيو ويو، هڪ طرف جنگبندي جو اعلان ڪيو ويندو هو ٻي طرف ڌماڪا ڪيا ويندا هئا.

چوڌري نثار چيو ته سڀني جي مشاورت سان دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو، جنهن بعد دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان قومي ايڪشن پلان آندو ويو آهي، وزيراعظم نواز شريف دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي.

هن چيو ته قومي ايڪشن پلان اچڻ کانپوءِ هـِن وقت تائين 22 دهشتگردن کي ڦاهي تي ٽنگيو ويو آهي ۽ سترنهن تي عمل جاري آهي پر اها رڳو شروعات آهي، جيستائين دهشتگردن جي ليڊرشپ جو خاتمو نٿو اچي، ملڪ ۾ مڪمل طور امن بحال نه ٿيندو.

وفاقي گهرو وزير چيو ته گڏيل قومن هـِن وقت تائين 70 تنظيمن تي پابندي  لاڳو ڪئي آهي، جن ۾ پاڪستان جون 10 تنظيمون به شامل آهن، حڪومت پاڻمرادو 60 تنظيمن تي پابندي مڙهي آهي، جن مان اڪثر نالا بدلائي ڪم ڪري رهيون آهن.

چوڌري نثار جو چوڻ هو ته پاڪستان، ڀارت يا آمريڪا جي چوڻ تي ڪنهن تنظيم يا فرد تي پابندي نٿو مڙهي سگهي، نالا تبديل ڪري ڪم ڪندڙ تنظيمن جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*