نوابشاهه ۾ وات جي ڪينسر ۾مُبتلا نوجوان سرڪاري خرچ تي علاج جي اپيل ڪندي ڄاڻايو آهي ته هن الهو تلهو علاج تي خرچ ڪري ڇڏيو آهي

nawabshah

نوابشاهه ۾ وات جي ڪينسر ۾مُبتلا نوجوان سرڪاري خرچ تي علاج جي اپيل ڪندي ڄاڻايو آهي ته هن الهو تلهو علاج تي خرچ ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ علاج ڪرائڻ لاءِ وٽس ڪجهه به نه بَچيو آهي.

موري لڳ ڳوٺ بودلو بهڻ جو رهواسي 28 ورهين جو نوجوان عبدالعزيز پُٽ ٻيڙو خان بِهڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ عبدالحفيظ سان گڏجي پريس ڪلب پهچي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي.

ٽن سالن کان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هئڻ  بعد ڊاڪٽرن پاران سندس ڄاڙي ڪڍي ڇڏڻ کانپوءِ عبدالعزيز بِيهڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي سگهه کان محروم ٿي ويو آهي، ڊاڪٽرن پاران پيٽ ۾لڳايل نلڪي ذريعي کاڌ خوراڪ ڏني وڃي ٿي .

عبدالعزيز بهڻ جي وڏي ڀاءُ  عبدالحفيظ بِهڻ ٻڌايو ته سندس ڀاءُ عبدالعزيز کي  ٽي سال  اڳ ڏاٺ ۾ سُور پيو جيڪو وڌي زخم ٿي پيو، هنن جڏهن عبدالعزيز جون حيدرآباد جي اسپتال مان تيسٽون ڪرايون ته کيس ڪينسر هئڻ جو انڪشاف ٿيو.

هن چيو ته هوگهر جو الهه تلهه وڪڻي هن وقت تائين علاج تي 10 لک رپيا خرچ ڪري چڪا آهن، هاڻ ڊاڪٽرن ڊائو اسپتال ڪراچي ريفر ڪيو آهي، جتي علاج لاءِ ساڍا 4 لک رپيا خرچ ٻڌايو ويو آهي،پر هنن وٽ هاڻ پيٽ پالڻ لاءِ به پئسا نه آهن.

هن اپيل ڪئي ته سندس ڀاءُ عبدالعزيز جو علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*