ايف آءِ اي، ضمانت رد ٿيڻ بعد ايس ايس اي سي پي جي چيئرمين ظفر حجازي کي عدالت ٻاهران گرفتار ڪري ورتو آهي

zafer hijazi

ايف آءِ اي، ضمانت رد ٿيڻ بعد ايس ايس اي سي پي جي چيئرمين ظفر حجازي کي عدالت ٻاهران گرفتار ڪري ورتو آهي.

اسپيشل سينٽر جج اسلام جي عدالت ۾ ايس اي سي پي جي چيئرمين ظفر حجازي خلاف سرڪاري کاتن ۾ ڦير ڦار واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ظفر حجازي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ايف آءِ سندس موڪل خلاف قانون جون گهرجون پوريون ڪرڻ بدران ڪيس داخل ڪيو آهي.

اسپيسل سينٽرل جج دليل  ٻڌڻ بعد ايس اي سي پي جي چيئرمين ظفر حجازي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.

ايف آءِ اي اختيارين ضمانت رد ٿيڻ بعد ايس اي سي پي چيئرمين ظفر حجازي کي عدالت ٻاهران گرفتار ڪري ورتو.

واضح رهي ته ظفر حجازي خلاف پنهنجي ئي کاتي جي ٽن ڊائريڪٽرز بيان رڪارڊ ڪرائي مٿس الزام لڳايو هو  ته ظفر حجازي دٻاءُ وجهي رڪارڊ ٽيمپرنگ جي ڪوشش ڪئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*