سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

supreme court

سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو آهي ته وزيراعظم جي نااهليءَ تي به غور ڪيو ويندو، جسٽس اعجاز افضل چيو آهي ته قانون جي حدن ۾ رهندي ڇولين جي مخالف به هلڻو پيو ته هلندا.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز افضل خان جي سربراهي ۾ جسٽس عطمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل ٽه رڪني بينچ جي آءِ ٽي رپورٽ تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي جي شروعات دوران وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته نيلسن ۽ نيسڪول ٽرسٽ ڊيڊ تي ڳالهيون ٿيون، عدالت چيو ته لڳي ايئن ٿو ته هي جعلسازي ڪيس آهي، جنهن جي وضاحت ٿيندي.

 جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته هو به اهو ڏسي سگهن ٿا ته آخر صحيحون ڪهڙي ريت مختلف آهن.

وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته ماهرن غلطي وارن دستاويزن جو جائزو ورتو آهي، ڪنهن به صورت ۾ جعلي دستاويز ڏيڻ جي نيت نه هئي، غلطي سان صفحا لڳي ويا هئا، اها صرف هڪ ڪلارڪي غلطي هئي، جيڪا چيمبر مان ٿي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته هاڻ مسئلو فونٽ جو رهجي ويو، وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته ٻيو معاملو موڪل ڏينهن  سيل ڊيڊ جي تصديق جو آهي، لنڊن ۾ موڪل جي ڏينهن به نوٽري پبلڪ جي تصديق ٿي ويندي آهي، جسٽس عظمت سعيد چيو ته اوهان جي ڳالهه نوٽ ڪري ورتي آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته حسين نواز اهو ڪڏهن به نه چيو آهي ته ان جو ڪو ساليسٽر موڪل ڏينهن به موجود هوندو آهي، جيڪي لافرم جا دستاويز اوهان پيش ڪري رهيا آهيو، اهي تصديق ٿيل نه آهن.

عدالت ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي رپورٽ جي جُلد نمبر 10 کولڻ جو حڪم ڏنو، جسٽس عظمت سعيد وزيراعظم جي وڪيل خواجا حارث کي مخاطب ٿيندي چيو ته خواجا صاحب! اوهان جي چوڻ تي جي آءِ ٽي جو واليم 10 کوليو آهي.

خواجا حارث چيو ته عدالت کي استحقاق آهي ته رپورٽ جو واليم نمبر ڏهه ڪنهن کي ڏيکاري يا نه ڏيکاري.

جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻ رپورٽ جو ڏهون جُلد ڪنهن کي به نه ڏيکارينداسين، عدالت کان وڌيڪ خواجا حارث جو مطئمن ٿيڻ ضروري آهي.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته ريفرينس نيب ڏانهن اماڻيو وڃي، جنهن تي سلمان اڪرم موقف ڏيندي چيو ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪئي وڃي.

جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم پُراسرار ثبوت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڏنا، اسان کي ڇو نه پيو ڏئي، وزيراعظم اسان جي اثاثن ۾ پاڻ کي به شامل ڪيو آهي.

جسٽس اعجاز افضل پڇا ڪئي ته ڇا قطري شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار  آهي؟ سلمان اڪرم راجا چيو ته قطري شهزادي بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهان، کيس وڊيو لنڪ جي آڇ نه ڪئي وئي هئي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته شاهدن کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ ٽرائل ڪورٽ جو ڪم آهي.

سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي اولاد پنهنجي ڪاروبار جي پاڻ ذميوار آهي، کين ڪاروبار جا وسيلا سندن ڏاڏي ڏنا. جيڏهن اولاد جا اثاثا ثابت ٿين ته ان جي ذميواري والدين تي نه ٿي اچي.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته جيڪڏهن عوامي عهدو رکندڙن جي آمدني اثاثن موجب نه هجي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ٻارن جي ڪاروبار جا سمورا ثبوت موجود آهن، اهو سڀ ڪجهه عوامي عهدو رکندڙ قومي اسيمبلي ۾ ۽ قوم کي خطاب ڪندي چيو هو.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته هتي معاملو عوامي عهدو رکندڙ جو آهي، هو پنهنجي عهدي جي ڪري جوابده آهي.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته عدالت جيڪڏهن ان نتيجي تي پهتي ته عوامي نمائيندگي ايڪٽ جو سيڪشن 12 ٻه لاڳو ٿيندو.

وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته عوامي نمائندگي ايڪٽ لاڳو ڪرڻ لاءِ قانوني عمل ضروري آهي.

تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري عدالت ۾ چيو ته نوازشريف ايف زيڊ اي ڪمپني کي ظاهر نه ڪيو آهي، وزيراعظم عدالت  ۽ قوم آڏو صادق ۽ امين نه رهيو آهي.

نعيم بخاري چيو ته نوازشريف ورڪ پرمٽ ۽ چيئرمين ٿيڻ به لڪايو، پگهارن جون رسيدون به لڪايون.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا عوامي عهدو رکندڙ تي نوڪري ڪرڻ جي پابندي آهي؟جنهن تي نعيم بخاري چيو ته معاملو مفادن جي تڪراءُ جو آهي.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته ڇا وزيراعظم تي نوڪري ڪرڻ جي پابندي آهي، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم نوازشريف تي اهڙي ڪا به واضح پابندي نه لڳائي وئي آهي.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته مريم نواز کي بينفيشل مالڪ تسليم ڪيو به وڃي ته به پروش وارو معاملو سامهون ايندو.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته 90 جي ڏهاڪي ۾ نوازشريف جي اولاد جو آمدني جو ذريعو هيو يا نه؟

نعيم بخاري چيو ته اسحاق ڊار ۽ شريف ڪٽنب اثاثا وڌائڻ لاءِ هڪ ئي طريقو اختيارڪيو، رقم اڳ ئي ملڪ کان ٻاهر اماڻي ۽ پوءِ ملڪ ۾ واپس آندي.

عدالت دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*