سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسحاق ڊار جي مالي معاملن جو 34 سالن وارو سيل ٿيل رڪارڊ جمع ڪرايو ويو

34 years record

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسحاق ڊار جي مالي معاملن جو 34 سالن وارو سيل ٿيل رڪارڊ جمع ڪرايو ويو. جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو آهي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسحاق ڊار جي آءِ ٽي کان استحقاق ڇو گهريو، فيصلي دوران ڌرين جي بنيادي حقن جو به خيال رکيو ويندو.

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسحاق ڊار جي وڪيل طارق حسن دليلن سان گڏ اسحاق ڊار جي 34 سالن واري مالي معاملن جو سيل ٿيل رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ٽيڪس رڪارڊ جو هيڏو باڪس اسان کي سيل ڪري ڏئي رهيا آهيون، ٿوري دير بعد هن باڪس جو مواد ميڊيا تي پيو هلندو.

وڪيل چيو ته هي رڪارڊ سيل ٿيل آهي، ڪنهن کي به ناهي ڏنو ويو.

عدالت چيو ته اسحاق ڊار اثاثن جي ماليت ۾ واڌ جي حوالي سان جاچ ٽيم کي مطئمن نه ڪري سگهيو، جي آءِ ٽي کي جواب نه مليا، جنهن تي سندس خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

عدالت چيو ته حديبيه پيپر ملز ڪيس ختم ٿيڻ باوجود اسحاق ڊار خلاف ڪافي مواد موجود آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا اسحاق ڊار ڪو اهڙو دستاويز ڏنو آهي، جنهن ۾ هن اهو چيو هجي ته شيخ النهيان ڪيتري پگهار تي کيس مقرر ڪيو هو.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته عدالت کي ٻڌايو وڃي ته شيخ نهيان ڪهڙن شرطن تي اسحاق ڊار کي مقرر ڪيو ۽ اهو ڪهڙو منطق آهي ته ڪوئي پنجن سلان ۾ اسحاق ڊار کي 800 ملين ڊالرز ڏئي ڇڏي.

وڪيل طارق حسين چيو ته نيب اسحاق ڊار کي ڪلين چٽ ڏني آهي، سندس خلاف ڪو به ثبوت نه آهي، عالمي آڊِيٽرن کان سندس اڪائونٽن جي تصديق ڪرائي وئي هئي.

وڪيل چيو ته هي احتساب ڪيترن سالن کان هلي پيو، هاڻ اسحاق ڊار ٿڪجي پيو آهي، بنا ثبوتبن جي احتساب قبول نه ڪيو ويندو.

جسٽس عظمت ريمارڪس ڏيندي چيو ته طارق حسين صاحب! اوهان اسحاق ڊار سان انصاف ڪري ڇڏيو، هاڻ اسان کي به انصاف ڪرڻو آهي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته فيصلي ۾ سڀني جي بنيادق حقن جو خيال رکيو ويندو، ڪنهن جو حق نه لتاڙيو ويندو، درخواست گذارن جي حقن جو به خيال رکيو ويندو.

هڪ موقعي تي اسحاق ڊار جي وڪيل طرفان پنهنجي سالياني آمدني 2 لک رپيا ٻڌائي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد شيخ کيس پيشو ڇڏڻ جو مشورو به ڏنو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*