لاڙڪاڻي ۾ بيت المال ڪالوني جي ٻن هفتن کان گئس بند هجڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري سوئي گئس آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ بيت المال ڪالوني  جي ٻن هفتن کان گئس بند هجڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري سوئي گئس آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو.

بشير احمد شيخ ۽ اياز مشوري  جي اڳواڻي ۾ رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري سوئي گئس آفيس آڏو ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته بيت المال ڪالوني جي گذريل ٻن هفتن کان گئس بند هجڻ ڪري رهواسي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته بار بار دانهون ڪرڻ باوجود ڪو به عملدار ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن مطالبو ڪيو ته بيت المال ڪالوني جي گئس جلد بحال ڪري رهواسين کي پريشانين کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*