مدئجي شهر جي مختلف علائقن مان ٽائون انتظاميه آپريشن ڪري حددخليون هٽائي ڇڏيون آهن

madeji operation

مدئجي شهر جي مختلف علائقن مان ٽائون انتظاميه آپريشن ڪري حددخليون هٽائي ڇڏيون آهن، حددخليون هٽائڻ دوران دڪاندارن ۽ ٽائون انتظاميا وچ ۾ جهڙپون پڻ ٿيون.

شهر جي شيل پمپ کان مڱريا پمپ تائين حددخلين خلاف آپريشن ڪري ڇپرا، صندل ۽ مانڊيون هٽايون ويون، حددخليون هٽائڻ دوران دڪاندارن ۽ ٽائون انتظاميا وچ ۾ جهڙپون پڻ ٿيون آهن.

ٽائون چيئرمين نجف ڪماريو چيو ته شهر ۾ ڊبل روڊ وارو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ترقياتي ڪم ڪرائي شهر کي خوبصورت بڻايو ويندو، عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ چاهيون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*