نواب شاهه ويجهو گپچاڻي واري علائقي ۾پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ روپوش ڏوهاري کي ماري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

nawabshah mukablo

نواب شاهه ويجهو گپچاڻي واري علائقي ۾پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ روپوش ڏوهاري کي ماري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

گپچاڻي پوليس موجب شهر ٻاهران ڦر جي ارادي سان بيٺل ٽن ڏوهارين گشت تي نڪتل پوليس پارٽيءَ کي ڏسندي فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس موجب جوابي فائرنگ ۾هڪ ڏوهاري غلام قادر عرف ڀورو جتوئي مارجي ويو، جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا.

پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري غلام قادر عرف ڀورو جتوئي 20 ڪيسن ۾ گهربل هو، سندس قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف ۽ گوليون ۽ هٿ ڪيون ويون آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*