دادو ۾اڻڄاتل چور دڪان جا تالا ٽوڙي 10 لک رپين جي چوري ڪري ويا

dadu shop chori

 دادو ۾اڻڄاتل چور دڪان جا تالا ٽوڙي 10 لک رپين جي چوري ڪري ويا، پوليس علائقي جي چوڪيدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

 غريب آباد پاڙي ۾ مين روڊ تي  اڻڄاتل چور رات جي وقت واپاري انور مستوئي جي ڪرياني جي دڪان جا تالا ڀڃي 8 لک رپيا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا.

 دڪان مالڪ جو چوڻ آهي ته سندس دڪان مان 10 لک رپين جي چوري ڪئي وئي آهي.

  دڪاندارن بادل مستوئي، انور علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بدامني وڌي وئي آھي ۽ شھري غير محفوظ ٿي وياآھن.

 پوليس علائقي جي چوڪيدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*