وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ احتساب بل تي مخالف ڌر جماعتن جي حمايت حاصل نه ڪري سگهيو

cm meet

وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ احتساب بل تي مخالف ڌر جماعتن جي حمايت حاصل نه ڪري سگهيو، وڏي وزير سان ملاقات بعد مخالف ڌر اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پ پ سرڪار ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو ته ان کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه سان اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار السن جي سربراهي ۾ مخالف ڌر جماعتن جي اڳواڻن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سيد سردار احمد، نندڪمار گوڪلاڻي ۽ حاجي شفيع ڄاموٽ به شريڪ ٿيا.

ملاقات دوران وڏي وزير مخالف ڌر اڳواڻن کي سنڌ احتساب بل 2017 تي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.

وڏي وزير مخالف ڌر اڳواڻن کي چيو ته ڪرپشن کي منهن ڏيڻ صوبائي معاملو آهي، جنهنڪري مخالف ڌر سنڌ سرڪار جي احتساب بل پاس ڪرائڻ ۾ حمايت ڪري.

ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳوڻن چيو ته سنڌ سرڪار ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ چاهي ٿي، اهڙي قانونسازي جي حمايت نه ڪئي ويندي.

هنن چيو ته جيڪڏهن نيب قانون کي سنڌ مان ختم ڪرڻ لاءِ اسيمبلي مان بل پاس ڪيو ويو ته ان کي عدالت ۾ چيلنج ڪيو ويندو.

صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته هنن ڪرپشن جي خاتمي لاءِ مخالف ڌر کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ڏنو، پر اتفاق نه ٿي سگهيو.

ناصر شاهه چيو ته سنڌ احتساب بل کي اسيمبلي ۾ پاس ڪرايو ويندو ۽ ڪنهن عدالت ۾ چيلنج ڪيو ته ان کي به منهن ڏنو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*