ميرپور بٺوري جي مختلف علائقن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن

mirpur batharo

ميرپور بٺوري جي مختلف علائقن مان برسات جو پاڻي  نيڪال نه ٿيڻ سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، شھرين مطالبو ڪيو آهي ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني کان بچايو وڃي، صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

مين اسٽاپ کان شھر  ويندڙ مک روڊ تي مال پڙي وٽ  5 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آهي، ان کان علاوه شهر جي ٻين مختلف علائقن ۾ 3کان 4 فوٽن تائين بيٺل پاڻي اڃان تائين نيڪال نه ڪرايو ويوآهي.

شهر مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب گندگي ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن سان بيماريون پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

 ٽائون ڪاميٽي انتظاميا شھر مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي به ڪوششون نه ورتيون آھن.

 شھرين مطالبو ڪيو آهي ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني کان بچايو وڃي، صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*