سنڌ هاءِ ڪورٽ بغاوت، دهشتگردي ۽ چڙ ڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي 19 ڪارڪنن کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو

Sindh-High-Court-31517

سنڌ هاءِ ڪورٽ بغاوت، دهشتگردي ۽ چڙ ڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي 19 ڪارڪنن کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  بغاوت، دهشتگردي ۽ چڙڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جوابدار محمد شريف، عديل احمد، ارشد علي، آصف زبير ۽ گرفتار ٻين جوابدرن کي پيش ڪيو ويو.

عدالت، ايم ڪيو ايم جي گرفتار 19 ڪارڪنن جي ضمانت واري درخواست تي منظُور ڪندي رماڪس ڏنا ته جوابدارن وٽان ڪي به هٿيار هٿ نه آيا آهن ۽ حڪومت جوابدارن جي ضمانت به چيلينج نه ڪئي آهي.

عدالت ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي ضمانت طور 1-1 لک رپيا ضمانت طور جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*