نوابشاهه ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن ڪاسائين سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري وٽانئن مئل اُٺُ هٿ ڪري ورتو

nawabshah gosht

 نوابشاهه ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن ڪاسائين سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري وٽانئن مئل اُٺُ هٿ ڪري ورتو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوبدار مئل جانورن جو گوشت وڪرو ڪندا هئا، مئل اٺ شهر ۾ وڪڻڻ لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا ته ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيوويوآهي.

پوليس قاضي احمد روڊ تي رينجرس پمپ وٽ هڪ ڊاٽسن تي ڇاپوهڻي مئل اٺ هٿ ڪري، ٽن ڄڻن ڪاسائي بابر قريشي، زاهد قريشي ۽ ڊاٽسن ڊرائيورمهر علي بڙدي کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي شهيد بينظير آ باد تنوير حسين تُنيو ٻڌايو ته گرفتار ڪيل جوابدار شهر ۾ مئل جانورن جو گوشت وڪرو ڪندا هئا، مئل اٺ وڪرو ڪرڻ لاءِ شهر ڏانهن کڻي وڃي رهيا هئا ته ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*