موري ۾ شهر جي مسئلن جي حل لاءِ عوامي اتحاد جي سڏ تي سياسي سماجي ڪارڪنن ٻئي ڏينهن به احتجاجي بک هڙتال ڪئي

moro bukh hartal

 موري ۾ شهر جي مسئلن جي حل لاءِ عوامي اتحاد جي سڏ تي سياسي سماجي ڪارڪنن ٻئي ڏينهن به احتجاجي بک هڙتال ڪئي.

سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن، واپارين ۽ ٻين شهرين راجا جي ايم ڪورائي، راشد علي ڪلھوڙو، جاني مورائي، محمود اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهر جي بجيٽ ترقياتي ڪمن لاءِ استعمال ٿيڻ بدران ذاتي ڪمن تي خرچ ٿي رهي آهي.

هنن چيو ته شهر طرف ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، جنهن جي ڪري شھر جا روڊ، رستا ۽ گھٽيون گند ڪچري ۽ گٽرن سان ڀرجي ويون آھن.

هنن مطالبو ڪيو ته شهر جي حالت جو نوٽيس وٺي، شهرين کي عذاب مان نجات ڏياري وڃي.

هنن چيو ته شهر جي مسئلن جي حل تائين احتجاج جاري رهندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*