سپريم ڪورٽ طرفان پاناما ڪيس بابت فيصلو محفوظ ڪرڻ کانپوءِ اپوزيشن پارٽين هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتا آهن

imran khan

سپريم ڪورٽ طرفان پاناما ڪيس بابت فيصلو محفوظ ڪرڻ کانپوءِ اپوزيشن پارٽين هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتا آهن. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي صدارت هيٺ به اجلاس جاري آهي.

تحريڪ انصاف جو هنگامي اجلاس عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ ٿي رهيو  آهي.

اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين، نعيم الحق، شيرين مزاري، عارف علوي، شفقت محمود ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ آهن.

اجلاس ۾ پاناما ليڪس بابت امڪاني فيصلي کانپوءِ سياسي حڪمت عملي تي مشاور ڪئي وئي.

واضح رهي ته پاناما ڪيس ۾ تحريڪ انصاف ڌربڻيل جماعت آهي، جڏهن سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري  ورتو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*