ڪورنگي ۾ هٿياربندن جي حملي ۾شهيد ٿيل ٽنهي پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز گارڊن پوليس هيڊڪوارٽر ۾ادا ڪئي وئي

shahed ahlkar namaz e janaza

ڪورنگي ۾ هٿياربندن جي حملي ۾شهيد ٿيل ٽنهي پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز گارڊن پوليس هيڊڪوارٽر ۾ادا ڪئي وئي، وڏي وزير شهيد اهلڪارن جي وارثن لاءِ 50 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو آهي.

گذريل ڏينهن ڪورنگي دارالعلوم ويجهو ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن عوامي ٿاڻي جي پوليس موبائيل کي نشانو بڻايو هو، جنهن جي نتيجي ۾ اهلڪار قمر الدين، افضل ۽ بابر علي شهيد ٿي ويا هئا.

پوليس هيڊ ڪوارٽر گارڊن ۾ ٽنهي شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، ڊي جي رينجرز محمد سعيد، اي آءِ جي ڪراچي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه شهيد اهلڪارن جي وارثن لاءِ 50 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*