سنڌ هاءِ ڪورٽ شگر ملز ايسوسيئشن جي آبادگارن کي 17 نومبر تي طلب ڪري ورتو

سنڌ حڪومت پاران ڪمند جي مقرر ڪيل نئين سرڪاري اگهه خلاف شگر ملز ايسوسيئشن جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ آبادگارن کان سندن موقف 17 نومبر تائين طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس مقبول باقر جي سربراهي ۾ قائم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزنل بئنچ شگر ملز ايسوسيئشن جي تڪڙي بنيادن تي نوان اگهه لاڳو ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

شگر ملز ايسوسيئشن پاران داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نئين اگهه سان ڪمند واري صنعت کي ڪاپاري ڌڪ رَسندو، تنهنڪري عدالت نئون اگهه لاڳو ڪرڻ کي روڪي.

اسسٽنٽ ايڊوڪيٽ جنرل مصطفيٰ مهيسر شگر ملز ايسوسيئشن جي اسٽي جاري ڪرڻ واري درخواست جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ڪمند جا نوان اگهه ڌرين جي گڏيل راضپي سان لاڳو ڪيا آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.

عدالت ملز ايسوسيئشن جي درخواست تي ڌرين جو موقف ٻڌڻ لاءِ آبادگارن کان 17 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

واضع رهي ته سنڌ سرڪار ڪمند جو نئون اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن اڃا تائين جاري نه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*