نوازليگ ميان نوازشريف جي نااهلي جي صورت ۾ شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Nawaz-Sharif-Meeting-PMLn-workers-21317

نوازليگ ميان نوازشريف جي نااهلي جي صورت ۾ شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، خواجا آصف کي 45 ڏينهن لاءِ عبوري وزيراعظم بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

سپريم ڪورٽ پاران پاناما ليڪس جو فيصلو محفوظ ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو آيو ان کي قبول ڪيو ويندو، ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم خلاف فيصلو اچڻ جي صورت ۾ سمورا قانوني آپشنز استعمال ڪرڻ سان گڏ سياسي ميدان خالي نه ڇڏيو ويندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميان نوازشريف جي نااهلي جي صورت ۾ ميان شهباز شريف کي وزيراعظم بڻايو ويندو، سندس ايم اين اي طور چونڊ کان اڳ خواجا آصف کي عبوري وزيراعظم بڻايو ويندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته نئين سيٽ ۾ به سمورا اختيار ميان نوازشريف وٽ ئي رهندا.
وزيراعظم نوازشريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ تي مڪمل اعتماد آهي، عدالت مان بهتر فيصلي جي اميد رکون ٿا.

خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پارٽي متحد ۽ ميان نوازشريف سان گڏ آهي، سمورن فيصلن جا اختيار سندس حوالي ڪيا ويا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ خواجا آصف چيو ته امڪاني طور عبوري وزيراعظم اچڻ جي صورت ۾ به سمورا وزير ميان نوازشريف جي هدايتن تحت ڪم ڪندا رهندا.

ٻئي پاسي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندڙ چوڌري نثار سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجي سياسي حڪمت عملي جو اعلان ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*