پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي ترقي خلاف سازش ڪندڙ عمران خان جو نالو تاريخ ۾ ڪارن لفظن سان لکيو ويندو.

shahbaz-sharif-140516

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي ترقي خلاف سازش ڪندڙ عمران خان جو نالو تاريخ ۾ ڪارن لفظن سان لکيو ويندو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ وڏي وزير شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڌرڻن، لاڪ ڊائون، سول نافرماني ۽ احتجاج ذريعي ملڪ جي ترقي آڏو رنڊڪون پيدا ڪيون ويون.

هن چيو ته روز روز سياسي تماشو لڳائي عوام جي قسمت سان کيڏيندڙ ٿورو هوش سان ڪم  وٺن.

شهباز شريف چيو ته عوام احتجاجي سياست کان پري رهي اهڙن عنصرن  جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو  آهي، پر شڪست باوجود نيازي سان ڪوبه سبق نه سکيو آهي.

 هن  چيو ته سازش ڪندڙ نيازي صاحب جو نالو تاريخ ۾ ڪارن لفظن ۾ لکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*